صافات سورة

صافات (سورة): صافات قرآن مجيد جي 37هين سورة آهي. هن سورة ۾ پنج رڪوع ۽ 182 آيتون آهن ۽ هي مڪي شريف ۾ نازل ٿي. هن سورت جي پهرئين رڪوع ۾ توحيد جي غلبي جي ڳالهه ڪئي وئي آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته جنهن پيغمبر صلي الله عليه وسلم جي باري ۾ اوهان جيڪي غير ضروري خبرون ڪري رهيا آهيو، تمام جلدي اوهان ڏسندا ته اهو اوهان سڀني تي غالب ٿيندو. اڳتي موحدن ۽ مشرڪن جي انجام ۽ مقابلي جو ذڪر آهي ته الله تعاليٰ ڪهڙيءَ ريت پنهنجي وفادار ٻانهن کي نوازيو آهي ۽ سندس انڪار ڪندڙن کي سزا ڏني آهي. ان کانپوءِ اڳين رسولن جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ اتي به مقابلي طور مڃيندڙن ۽ نه مڃيندڙن بابت انجام جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. انهي سلسلي ۾ حضرت اسماعيل عليه السلام جي قربانيءَ جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ مسلمانن کي سبق ڏنو ويو آهي ته هڪ مؤمن کي ڪهڙيءَ ريت الله تعاليٰ جي رضا لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. آخري آيتن ۾ هيءَ پيشن گوئي به ڪئي وئي آهي ته آخرڪار حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن ئي فتحمند ٿيندا ۽ مؤمنن کي سندن مخالفن تي غالب ڪيو ويندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو